اعجاز علي شاهه اعجاز راشدي

اعجاز علي شاهه اعجاز راشدي

اعجاز علي شاهه اعجاز راشدي

اعجاز علي شاهه ’اعجاز‘ راشدي: مشھور صوفي شاعر اعجاز علي شاهه ‘اعجازسائين جو اصل نالو پير سيد محي الدين شاهه راشدي هو، پر پاڻ اعجاز علي شاهه ’اعجازسائين جي نالي سان مشھور هو. هي سيد احسان الله شاهه راشدي جي گهر ۾ 12 ربيع الاول 1348هه/19 آگسٽ 1929ع تي سومر جي رات ڳوٺ پير جهنڊي، سعيدآباد، ضلعو مٽياريءَ ۾ ڄائو. هن 8 سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جا 29 سيپارا مولوي شفيع محمد مڱريي وٽ پڙهيا، باقي 30هون سيپارو رهجي ويو هو، انهيءَ ڪري جو ان وقت سندس والد سيد احسان الله شاهه ذوالحج 1356هه/فيبروري 1938ع ۾ هجرت ڪري ڳوٺ پير جهنڊي کان اتر طرف اڌ ميل جي مفاصلي تي هڪ نئون ڳوٺ “درگاهه شريف” جي نالي سان ٻڌائي رهائش پذير ٿيو، جتي باقي رهجي ويل 30 سيپارو مولوي جمال الدين متو (رڻ ڪڇ جي رهاڪو) وٽ پڙهي قرآن شريف پورو ڪيائين، اسڪول ۾ پھرئين ڪلاس کان پوءِ ڪو نه پڙهيو. سندس والد سيد احسان الله شاهه اعليٰ پايي جو عالم ۽ فقير صفت انسان هو، جنھن 15 شعبان 1358هه/30 سيپٽمبر 1939ع تي وفات ڪئي. ان وقت اعجاز علي شاهه جي عمر فقط 10 سال هئي. اعجاز علي شاهه روحاني تعليم پنھنجي والد کان ورتي. ننڍپڻ ۾ سندس روحاني رمزن کي ڏسي سندس والد کيس ’بھلول‘ جي نالي سان سڏيندو هو، جيڪو نالو هن تخلص طور ڪٿي ڪٿي پنھنجي شعر ۾ استعمال ڪيو آهي. پاڻ 51هين قادري سلسلي سان وابسته هو ۽ پير سائين پاڳاري سيد سڪندر علي شاهه مردان شاهه کي پنھنجو مرشد ڪري مڃيندو هو، جنھن جو اظھار هن پنھنجي شعرن ۾ پڻ ڪيو آهي. اعجاز علي شاهه 15 سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. اعجاز شاهه ’اعجاز‘ نه صرف سنڌي زبان ۾ پر سرائڪي، اردو ۽ هندي زبانن ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”سخن اعجاز“ جي نالي سان 2003ع ۾ ’بزم اعجاز‘ طرفان شايع ٿيو. ”سخن اعجاز“ جو اختصار ”مخزن اعجاز“ جي نالي سان روشني پبليڪيشن طرفان 2014ع ۾ ڇپيو. سندس شايع ٿيل شاعريءَ ۾ 838 بيت، 587 ڪافيون، 164 غزل، 26 وايون، 3 ٽيھه اکريون (سي حرفيون) ۽ 38 نين طرزن وارا ڪلام شامل آهن. سندس ڪلام ڪيترين ئي راڳڻين ۾ مشھور فنڪارن جي آواز ۾ ڳائجي چڪو آهي. پاڻ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن ڪافي ۽ بيت تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي اٿن. سندس بيتن م موضوع ۽ مقصد جي حسن سان گڏ فن جو ڪمال به نظر اچي ٿو. اعجاز شاهه جي فرزند سيد محمد اشرف شاهه، ”اعجاز شاهه راشدي جي بيتن جو فني ۽ فڪري اڀياس“ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو لکي ايم. فل جي ڊگري حاصل ڪئي. هن 16 جون 1998ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس مزار موجوده سعيدآباد کان 3 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي سندن والد جي نئين ٻڌايل ڳوٺ درگاهه شريف پير جهنڊي ۾ آهي. هن وقت سندن اولاد ڳوٺ ’اعجاز آباد‘ ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ مقيم آهي. وٽن صوفي راڳ ويراڳ جي محفلن جو سلسلو سيد سجاد رسول راشدي جي سرپرستيءَ ۾ اڄ به جاري آهي. ماهوار صوفياڻي محفل چنڊ جي ايڪيھين رات ۽ عرس مبارڪ صفر جي ايڪيھين رات ملهايو ويندو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.08.19  عيسوي

مشھور صوفي شاعر اعجاز علي شاهه ‘اعجاز’ سائين جو اصل نالو پير سيد محي الدين شاهه راشدي هو، پر پاڻ اعجاز علي شاهه ‘اعجاز’ سائين جي نالي سان مشھور هو. هي سيد احسان الله شاهه راشدي جي گهر ۾ 12 ربيع الاول 1348هه/19 آگسٽ 1929ع تي سومر جي رات ڳوٺ پير جهنڊي، سعيدآباد، ضلعو مٽياريءَ ۾ ڄائو.


1998.06.16  عيسوي

صوفي شاعر اعجاز علي شاهه ‘اعجاز’ 16 جون 1998ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس مزار موجوده سعيدآباد کان 3 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي سندن والد جي نئين ٻڌايل ڳوٺ درگاهه شريف پير جهنڊي ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيدل دهلوي
انور هالائي
اختر درگاهي
زمان شاهه ساقي
جويو خاڪي
سيماب اڪبر آبادي
بائرن
اسد قصه خوان
شيلي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون